آمريڪي طيارا بردار جهاز جارج واشنگٽن وچ اوڀر ۾ پوزيشن سنڀالي ورتي

آمريڪا جي طيارا بردار جهاز جارج واشنگٽن وچ اوڀر ۾ پوزيشن سنڀالي ورتي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب جارج واشنگٽن، وچ اوڀر ۾ 9 مهينن کان مقرر طيارا بردار جهاز ابراهام لنڪن جي جاءِ تي تعينات ڪيو ويو آهي.رپورٽن مطابق ايران سان جنگ دوران ابراهام لنڪن تي 5 هزار کان وڌيڪ سيلرز مقرر هئا، جن کي کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ۽ واش رومز جي خرابين سميت مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. جنهن بعد جهاز کي واپس آمريڪا روانو ڪيو ويو.سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر به تسليم ڪيو هو ته ابراهام لنڪن تي اهلڪارن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته سندس چوڻ هو ته بعد ۾ اهي مسئلا حل ڪيا ويا.ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف سخت ترين معاشي پابندين جو اعلان پڻ ڪيو آهي.