ٽرمپ ڪم بدران وائيٽ هائوس ۾ بال روم ٺاهڻ ۽ نٽالي هارپ سان سفر ۾ دلچسپي رکن ٿا: جان اوسوف

آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر جان اوسوف صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ بدران وائيٽ هائوس ۾ بال روم ٺاهڻ ۽ پنهنجي معاون نٽالي هارپ سان سفر ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا موجب جان اوسوف چيو ته صدر ٽرمپ ملڪ جا اهم ڪم ڪرڻ بدران وائيٽ هائوس ۾ بال روم جي تعمير ۾ مصروف آهن، جڏهن ته هو پنهنجي معاون نٽالي هارپ سان ”اڏامندڙ محل“ ۾ سفر ڪرڻ چاهين ٿا.وائيٽ هائوس سينيٽر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙا الزام جنسي امتياز ۽ بدگماني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهن.نٽالي هارپ آمريڪي صدر جي ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ آهي، جنهن جون ذميواريون صدر جي روزاني معاملن، رابطي ۽ ڪميونيڪيشن مينيجمينٽ سان لاڳاپيل آهن.آمريڪي ميڊيا موجب نٽالي هارپ مبينا طور 2023ع ۾ ٽرمپ کي ڪيترائي تعريفي ۽ ذاتي خط پڻ لکيا هئا. هڪ خط ۾ هن مبينا طور چيو هو ته ٽرمپ ئي سندس لاءِ سڀ ڪجهه آهن.رپورٽن موجب ٽرمپ سوشل ميڊيا تي ڪجهه پوسٽون نٽالي هارپ کي زباني ٻڌائي لکرايندا آهن، جنهن سبب صدر تائين سندس رسائي ۽ اثر وڌڻ جون ڳالهيون سامهون آيون آهن.رپورٽ موجب ٽرمپ جڏهن ترڪي کان ايئرفورس ون بدران هڪ ننڍي جهاز ذريعي روانو ٿيا ته ان وقت به نٽالي هارپ ساڻس گڏ موجود هئي.