ڪراچي ۾ مهانگائي ۽ ٽيڪسن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن به جاري

ڪراچي ۾ مهانگائي ۽ عوام تي ٽيڪسن جي وڌندڙ بار خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو اڄ ڇهين ڏينهن به جاري آهي.
احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ شام گورنر هائوس ٻاهران وڏو جلسو عام منعقد ڪيو ويندو، جنهن کي جماعت اسلامي پاڪستان جو امير حافظ نعيم الرحمان خصوصي خطاب ڪندو.جماعت اسلامي جي مطالبن ۾ پيٽروليم ليوي جو مڪمل خاتمو، پيٽرول جي قيمت گهٽائي 225 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ ۽ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا ختم ڪري بجلي جون قيمتون گهٽائڻ شامل آهن.
جماعت اسلامي جي قيادت عزم ظاهر ڪيو آهي ته جيستائين عوام دشمن پاليسين بابت مطالبا منظور نه ڪيا ويندا، تيستائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو.جماعت اسلامي جي اڳواڻن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. امڪان آهي ته ڌرڻي ۽ جلسي ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو وڏو انگ شرڪت ڪندو.