جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اپوزيشن اتحاد ٺاهڻ تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن جو مقصد ايوان اندر اهم معاملن تي گڏيل مشاورت سان فيصلا ڪرڻ آهي.اسلام آباد ۾ اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اپوزيشن جا ميمبر گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري پارليامينٽ اندر وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته موجوده صورتحال سبب ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته گذريل 20 سالن کان عوام کي رڳو تسليون ڏنيون پيون وڃن. امن امان جي صورتحال بابت حڪومتي قدمن جا گهربل نتيجا سامهون نه اچي رهيا آهن ۽ غلط پاليسين سبب ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته آخر ڪيتري عرصي تائين خاموش رهنداسين ۽ مصلحتن جو شڪار ٿينداسين؟ هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن جون ڳالهيون ڪهڙي اميد تحت ڪيون پيون وڃن، اهو سمجهه کان ٻاهر آهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومت طرفان جيڪو بيانيه پيش ڪيو پيو وڃي، اهو درست ناهي. حالتن ۾ بهتري نه اچڻ سبب ملڪ جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي.
مولانا فضل الرحمان واضح ڪيو ته اپوزيشن پارليامينٽ اندر گڏيل حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.