سعودي سفارتخاني شام جي گادي واري شهر دمشق ۾ نئون ويزا آفيس کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
سعودي اختيارين موجب نئون آفيس مختلف قسمن جي ويزا درخواستون وصول ڪندو. انهن ۾ عام مسافرن سان گڏ ڪاروباري ماڻهن ۽ مال بردار شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ويزا درخواستون پڻ شامل هونديون.سعودي سفارتخاني موجب هن قدم جو مقصد سعودي عرب ۽ شام وچ ۾ سفري ۽ واپاري اچ وڃ کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ويزا آفيس جو قيام ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جي گڏيل ڪوششن جو حصو آهي. سعودي عرب شام جي معاشي بحالي ۾ سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهيو آهي.