سکر: صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو پاران اروڙ يونيورسٽي ۾ جديد سينٽرل لائبريري، نئين ويب سائيٽ ۽ ڪيريئر ڪنيڪٽ پورٽل جو باقاعده افتتاح

سکر (اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزير محمد اسماعيل راهو، اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج سکر ۾ قائم ڪيل جديد سينٽرل لائبريري جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. هن پروقار افتتاحي تقريب ۾ اعليٰ تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ شاگردن جي سهولت لاءِ ڪيترن ئي اهم منصوبن جو پڻ آغاز ڪيو ويو.
افتتاحي تقريب دوران يونيورسٽي انتظاميه پاران اداري جي نئين ۽ جديد فيچرز سان ليس آفيشل ويب سائيٽ سميت خاص طور تي تيار ڪيل اروڙ ڪيريئر ڪنيڪٽ پورٽل“ جو پڻ باضابطه اجرا ڪيو ويو. هن جديد ڊجيٽل پورٽل جو بنيادي مقصد زيرِ تعليم شاگردن ۽ فارغ التحصيل شاگردن (ايلومنائي) کي جديد دور جي گهرجن مطابق ملازمتن جا بهترين موقعا، انٽرن شپس ۽ پيشيورانه رهنمائي هڪ ئي پليٽ فارم تان آن لائن مهيا ڪرڻ آهي.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي سمورين يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي عالمي معيار مطابق آڻڻ ۽ تعليمي ادارن کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي عملي قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اروڙ يونيورسٽي آرٽ، آرڪيٽيڪچر، فن ۽ ثقافتي ورثي جي ترقيءَ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ۽ اها جديد لائبريري نوجوانن ۾ مطالعي ۽ علمي تحقيق جي جذبي کي وڌيڪ فروغ ڏيندي.
تقريب ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد عباس بلوچ، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين ڪنڊ، انتظامي عملدارن، فيڪلٽي ميمبرن، ميڊيا جي نمائندن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي يونيورسٽي انتظاميه ۽ شرڪاء پاران هنن قدمن کي خطي ۾ علمي ۽ تعليمي ترقيءَ لاءِ هڪ سنگِ ميل قرار ڏنو ويو.