آمريڪا پاران سعودي عرب سان سول جوهري معاهدو ڪانگريس ڏانهن موڪليو ويو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا سعودي عرب سان سول جوهري توانائي جي معاهدي کي ڪانگريس جي جائزي لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي. اهو معاهدو گذريل مهيني طئي ٿيو هو ۽ هاڻي آمريڪي قانون تحت ڪانگريس آڏو پيش ڪيو ويو آهي. آمريڪي انتظاميا جي هڪ عهديدار موجب صدر ٽرمپ جو موقف برقرار آهي ته سعودي عرب سان جوهري معاهدو ان وقت ئي اڳتي وڌندو، جڏهن رياض ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۽ ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو. رپورٽن مطابق تجويز ڪيل معاهدي تحت آمريڪي ڪمپنيون سعودي عرب جي سول جوهري پروگرام جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪنديون، جڏهن ته سعودي عرب ۾ آمريڪي ٽيڪنالاجي سان تيار ٿيندڙ AP1000 ري ايڪٽرز جي تعمير جي راهه پڻ هموار ٿي سگهي ٿي. معاهدي جي مدت 30 سال ٻڌائي پئي وڃي. صدر ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته معاهدو فوجي مقصدن لاءِ نه، پر پرامن ۽ سول استعمال لاءِ آهي. تنهن هوندي به يورينيم جي افزودگي ۽ جوهري ٻارڻ جي ٻيهر پروسيسنگ بابت شرطن تي آمريڪي قانون سازن ۽ جوهري عدم پکيڙ جي ماهرن پاران خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. آمريڪي ڪانگريس کي معاهي جو جائزو وٺڻ لاءِ 90 مسلسل اجلاس وارا ڏينهن ملندا. جيڪڏهن ان عرصي دوران ڪانگريس طرفان معاهدي کي رد نه ڪيو ويو ته اهو نافذ ٿي سگهي ٿو. سعودي عرب پاران اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارو معاملو اڃا تائين اهم رڪاوٽ بڻيل آهي. رياض اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن لاءِ فلسطيني رياست جي قيام طرف قابلِ اعتماد اڳڀرائي ضروري آهي.