وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي نئين وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي چونڊيل افتخار گيلاني کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ واري تجويز تي اختلاف سامهون اچي ويو آهي.
مليل ڄاڻ موجب اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ بابت مختلف نالن تي غور ڪيو ويو، پر ڪنهن هڪ اميدوار جي نالي تي اتفاق راءِ پيدا نه ٿي سگهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳ ۾ نامزد وزيراعظم شاهه غلام قادر کي آزاد ڪشمير جي صدر جي عهدي جي آڇ پڻ ڪئي وئي، پر هن اها آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اجلاس مان اٿي هليو ويو.ذريعن موجب شاهه غلام قادر ۽ اڳوڻي وزيراعظم آزاد ڪشمير راجا فاروق حيدر پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿيڻ سبب آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جو اجلاس پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي.ريعن جو چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ايندڙ اجلاس سڀاڻي جمعي تي ٿيندو، جنهن ۾ معاملي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو.ٻئي طرف شاهه غلام قادر پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته هو عوام جي عزت ۽ وقار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي نعري ”ووٹ کي عزت دو“ کي يقيني بڻايو ويندو.هوڏانهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ رانا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊون شفاف ٿيون آهن ۽ پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ بابت جاري مشاورت سبب سياسي حلقن جون نظرون هاڻي ايندڙ اجلاس تي لڳل آه
