بلاول ڀٽو جي مڱڻي جون خبرون، حقيقت ڇا آهي؟

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مڱڻي ۽ شادي بابت خبرون ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن.

ذريعن طرفان دعويٰ ڪيو ويو آهي ته صدر آصف علي زرداري خانگي دوري تي آسٽريا ۾ موجود آهن، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پڻ ويانا ۾ موجود آهن ۽ امڪاني رشتي بابت آسٽرين خاندان سان ملاقاتون ٿيون آهن.

تنهن هوندي به بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب انهن خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو جي مڱڻي يا شادي بابت هلندڙ خبرون غلط ۽ بي بنياد آهن. ترجمان موجب هن وقت تائين مڱڻي يا شادي بابت ڪو به سرڪاري اعلان ناهي ڪيو ويو.

واضح رهي ته ڪجهه رپورٽن ۾ آسٽريا، جڏهن ته ڪجهه رپورٽن ۾ ليختن شٽائن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر انهن دعوائن جي سرڪاري طور تصديق ناهي ٿي