سرفراز احمد کي هٽائڻ جو طريقو به غلط هو، اڳوڻو چيف سليڪٽر محمد وسيم

اڳوڻي چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته جڏهن سرفراز احمد کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو هو ته هو ان فيصلي جي خلاف هو، پر هاڻي جنهن طريقي سان کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي، اهو طريقو پڻ درست نه هو.

هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد وسيم چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جو رانديگرن کي بنيادي شيون سيکارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوي، اصل الميو فيصلن ڪرڻ جي عمل ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته قومي ٽيم بابت فيصلا ڪندڙ ڪيترائي ڪرڪيٽر اهي ئي آهن، جيڪي ماضي ۾ ساڻس گڏ کيڏي چڪا آهن، پر ڪوچنگ، ڪيمپن ۽ رانديگرن جي چونڊ بابت ڪيل فيصلن جا مثبت نتيجا نظر نٿا اچن.

اڳوڻي چيف سليڪٽر سوال ڪيو ته جن رانديگرن کي هاڻي واپس موڪليو پيو وڃي، انهن کي انگلينڊ ڪير موڪليو هو؟ هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران مختصر مدي وارا فيصلا ڪيا پيا وڃن.

محمد وسيم چيو ته بابر اعظم کي پهريان ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو ۽ پوءِ پاڪستان سپر ليگ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي واپس آندو ويو. جيڪڏهن اهڙي نموني مختصر مدي وارا فيصلا ٿيندا رهيا ته قومي ٽيم وڌيڪ مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي.

انجري جي معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته رانديگرن ۾ اعتماد جي کوٽ پڻ نظر اچي ٿي. ملتان ٽيسٽ دوران امام الحق جي انجري بابت آخري وقت تي خبر پئي. سندس چوڻ هو ته معمولي تڪليف ۽ انجري ۾ فرق هوندو آهي، رانديگرن کي ذهني طور به وڌيڪ مضبوط ٿيڻو پوندو.

محمد وسيم وڌيڪ چيو ته انگلينڊ ۾ ڪارڪردگي سٺي نه ٿيڻ جو اندازو هو، پر بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز خلاف به سيريز نه کٽڻ ڳڻتي جوڳو معاملو آه