
ڪراچي/سنڌ (رپورٽ: Nizakt – اي ڊي اين نيوز): سکر.
سول اسپتال سکر ڀرسان پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 14 ورهين جو نيگر فوت، ڊرائيور فرار، نيگر جي وارثن جو سکر پريس ڪلب آڏو لاش رکي احتجاج
سکر. سول اسپتال سکر ڀرسان هڪ دل ڏاريندڙ ۽ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ پراڻي سکر واسي 14 ورهين جو مومن علي ولد جاويد شيخ پاڻي جي ٽينڪر جي ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو. حادثي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته معصوم نينگر جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.
ذريعن موجب مومن علي شيخ سول اسپتال سکر ڀرسان گذري رهيو هو ته تيز رفتار پاڻي جي ٽينڪر کيس ڪچلي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو واقعي واري هنڌ ئي فوت ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته حادثي ۾ ملوث پاڻي جي ٽينڪر جو ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ فرار ٿيل ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي سمورن پاسن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ذميوار ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
وارثن موجب 14 ورهين جو مومن علي موبائل فون جي دڪان تي ڪم ڪري پنهنجي خاندان جو هٿ ونڊائيندو هو. ننڍي عمر ۾ محنت مزدوري ڪندڙ مومن علي جي اوچتي موت گهرڀاتين کي سخت صدمو پهچايو آهي.
واقعي خلاف فوت ٿيل نيگر جي وارثن ۽ علائقي واسين سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي مقتول جو لاش رکي ڇڏيو ۽ چئني طرفن کان روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته حادثي جي ذميوار ٽينڪر ڊرائيور کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.
مظاهرين چيو ته هڪ معصوم ۽ ننڍي عمر جي محنت ڪش ٻار جي جان هلي وئي آهي، تنهن ڪري واقعي ۾ غفلت جي ذميوار ڊرائيور خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
مظاهرين اعليٰ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي فرار ٿيل ڊرائيور کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
پوليس پاران يقين ڏيارڻ ۽ ٽينڪر ڊرائيور خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ مظاهرين لاش کڻائي ويا.
واقعي بابت تفصيل ۽ پس منظر
موصول ٿيندڙ تفصيل موجب لاڳاپيل علائقي مان اهم معلومات سامهون آئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظامي سطح تي پيش رفت جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ معاملي بابت ضروري قدم کنيا پيا وڃن.
سرڪاري موقف ۽ حڪمت عملي
انتظامي عملدارن پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته صورتحال کي بهتر رکڻ لاءِ مڪمل قدمن تي عمل ڪيو وڃي ۽ عوام کي وقت سر معلومات فراهم ڪئي وڃي.
عوامي ردعمل ۽ نتيجو
مقامي شهرين ۽ سماجي تنظيمن پاران معاملي کي جلد حل ڪرڻ ۽ شفافيت برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
