جرمن ايئرپورٽ تي ڊرون حملي جي ڪوشش، جواب ۾ جرمني پاران روسي قونصل خانو بند ڪرڻ جو اعلان

برلن: جرمني جي هڪ اهم ايئرپورٽ تي بارود سان مڙهيل ڊرونز ذريعي حملي جي ناڪام ڪوشش کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ انتهائي تيز ٿي وئي آهي. جرمن اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته هن حملي جي پٺيان روسي خفيه ايجنسين جو هٿ هجڻ جا واضح ثبوت مليا آهن، جنهن کانپوءِ جرمن حڪومت سخت ردعمل ظاهر ڪندي پنهنجي ملڪ ۾ قائم روسي قون��ل خانو فوري طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، جرمن ايئرپورٽ جي فضائي حدن ۾ بارود سان ليس ڪيترائي ڊرون اڏامندي ڏٺا ويا هئا، جن کي سيڪيورٽي ادارن بروقت ڪارروائي ڪندي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. شروعاتي جاچ رپورٽن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته انهن ڊرونز جو رخ ايئرپورٽ جي حساس تنصيبات ڏانهن هو ۽ سڀئي شاهديون سڌي ريت روسي مداخلت ڏانهن اشارو ڪن ٿيون، جنهن سان ملڪي سلامتيءَ کي سخت خطرو لاحق ٿي سگهي ٿي پيو.

جرمن پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي سرزمين تي اهڙي ڪنهن به تخريبڪاريءَ کي برداشت نه ڪيو ويندو. روسي قونصل خاني جي بندش جو فيصلو قومي سلامتيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، روسي اختيارين انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته جرمني بنا ڪنهن ثبوت جي روس تي الزام تراشي ڪري رهيو آهي، جنهن جا ٻطرفن لاڳاپن تي ناڪاري اثر پوندا.