تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ اڳڀرائي، آمريڪي ڪمپني سان اهم معاهدو طئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم کڻندي آمريڪي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو آهي، جنهن سان توانائي جي شعبي ۾ بهتري اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي. هن معاهدگي جو مکيه مقصد مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي کوٽ کي گهٽائڻ ۽ پيداوار ۾ خاطرخواه واڌ آڻڻ آهي.

ترجمان موجب او جي ڊي سي (OGDCL) جي 18 وڏن پختن اثاثن ۾ 12 آئل فيلڊز ۽ 6 گئس توڙي ڪنڊينسيٽ فيلڊز شامل آهن. انهن شعبن مان پيداوار وڌائڻ لاءِ جديد ٽیکنالاجي ۽ فني مهارت جو سهارو ورتو پيو وڃي، جنهن سان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندو.

توانائي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته نون معاهدن ۽ جديد طريقن جي اپنائڻ سان ملڪ ۾ گئس ۽ تيل جي موجوده ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي. حڪومت جو اهو پڻ چوڻ آهي ته اهڙن قدمن سان پرڏيهي سيڙپڪاري کي پڻ هٿي ملندي ۽ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.