راولپنڊي/اسلام آباد: جڙيل شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري وسڪاري سبب معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي وئي آهي، جڏهن ته برساتي پاڻي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيھجي وڃڻ سبب شهرين کي سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
برسات جي مسلسل وسڪاري سبب نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين بلند ��ي وئي آهي، جنهن بعد انتظاميا نالا لئي جي ڪناري آباد نشيبي علائقن جي رهواسين کي فوري طور تي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون سخت هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
موجوده هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران جڙيل شهرن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امڪاني ٻوڏ يا ڪنهن به اڻհوني واقعي سانτεنبھڻ لاءِ پاڪ فوج کي پڻ اسٽينڊ بائي رکيو ويو آهي ته جيئن وقت سر امدادي ڪارروائيون يقيني بڻائي سگهجن.