پمز سانحي ۾ مجرماڻي غفلت جي مرتڪب اهلڪارن کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پمز اسپتال ۾ پيش آيل سانحي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مجرماڻي غفلت جي مرتڪب اهلڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين ڪا رعايت ڏني ويندي. هن چيو ته انساني جانين سان کيڏڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي ۽ ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.

وزيراعظم وف��قي صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو متبادل ڏينهن تي پمز اسپتال ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائي ۽ پنهنجي سڌي نگرانيءَ ۾ اسپتال جي بهتري ۽ انتظامي معاملن کي سڌارڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي. هن چيو ته اسپتالن ۾ مريضن کي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسپتالن جي حالت زار کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ طبي سهولتن ۽ دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي علاج معالجي ۾ ڪنهن به ڏکيائي جو منهن ڏسڻو نه پوي.