آبنائي ھرمز ۾ وڏو حادثو، سعودي جهاز تي فلپائن جا ٻه ملاح فوت

رياض/آبنائي ھرمز: آبنائي ھرمز ۾ پيش آيل هڪ افسوسناک حادثي دوران سعودي عرب جي سامونڊي جهاز تي ڪم ڪندڙ فلپائن جا ٻه ملاح اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. اختيارين موجب هي حادثو ان وقت پیش آيو جڏهن جهاز سمنڊ ۾ معمول جي سفر تي هو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملاحن موقعي تي ئي دم ڏنو.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي لاڳاپيل سامونڊي انتظاميه ۽ بچاءُ جون ٽيمون فوري طور تي واقعاتي هنڌ تي پهتيون ۽ لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ٻئي طرف فوت ٿيل ملاحن جي لاشن کي سندց وارثن تائين پهچائڻ ۽ واقعي جي جاچ جي سلسلي ۾ سفارتي سطح تي رابطا پڻ شروع ڪيا ويا آهن.

هن دلخراش واقعي کانپوءِ آبنائي ھرمز ۾ سامونڊي جهازن جي سيڪيورٽي ۽ تجارتي آمدرفت جي حوالي سان خدشا وڌي ويا آهن. بين الاقوامي بحري ماهرن جو چوڻ آهي ته اهم سامونڊي رستن تي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.