اسلام آباد: وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري دوران هانگژو ۾ مصروف ڏينهن گذاريو، جتي هن اهم ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ’پاک چائنا بزنس ٽُو بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس‘ کي خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشی ڀائيواري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي روشن مستقبل جي پڪੀ ضمانت آه��.
هن تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وقت جي هر امتحان تي پورا لٿا آهن. چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ صنعتي شعبي، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سرماداري آڻڻ جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سيڪيورٽي ۽ سهولتڪاري لاءِ حڪومت طرفان تمام ضروري قدم کنيا پيا وڃن، جنهن سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي.
