نوان صوبا ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان ٺهي سگهن ٿا: اعظم تارڙ

لنڊن/اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن به صوبائي اسيمبليون ۽ پارليامينٽ چاهينديون ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان نوان صوبا آئيني طريقي سان ٺهي سگهن ٿا. لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سان خيالن جي ڏينهن وٺندي هن واضح ڪيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ آئيني معاملن کي قانوني دائري اندر حل ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي.آزاد ڪشمير جي چونڊن بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته خطي ۾ سڀ کان اهم ۽ وڏو مسئلو شفاف چونڊون ڪرائڻ هو، جيڪي هاڻي مڪمل طور تي پرامن ۽ غير جانبدار ماحول ۾ منعقد ڪيون ويون آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير اندر نئين وزيراعظم جي چونڊ جو اختيار مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وٽ هو، جنهن بهترين فيصلو ڪيو.هڪ سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته حڪومت هميشه ملڪي مفاد کي ترجيح ڏني آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪيترائي ڀيرا اپوزيشن کي پڻ قومي مسئلن تي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي. وفاقي وزير زور ڏنو ته ملڪي ترقي ۽ استحکام لاءِ سڀني سياسي قوتن کي ذاتي مفادن کان مٿاهون ٿي ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.