اسلام آباد: نيشنل ڪوآرڊشن مئنيجمينٽ ڪونسل جي اهم اجلاس ۾ ملڪ اندر پيٽروليم شين جي دستياببابي ۽ اسٽاڪ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران لاڳاپيل اختيارين واضح ڪيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جو وافر ذخيرو موجود آهي ۽ شهرين کي ڪنهن به قسم جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.اجلاس ۾ وفاقي وزير پيٹروليم، ڪونسل جي معزز ميمبرن، آئل ڪمپنين جي نمائندن، ڪسٽمز، فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) ۽ آئل اينڊ گيس رگيوليٽري اٿارٽي (OGRA) جي اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ملڪي معيشت ۽ توانائي جي شعبي بابت اهم معاملن تي غور ڪيو.ان موقعي تي حڪومتي نمائندن تيل ڪمپنين جي سمورن خدشن کي ٻڌو ۽ انهن جي فوري ازالي لاءِ عملي قدم پڻ کنيا. اختيارين جو چوڻ هو ته سپلائي چين کي هر حالت ۾ يقيني بوڻايو ويندو ته جيئن عام واهپيندڙن کي ڪنهن به مشڪل کان بچائي سگهجي.
