<style> .single-featured-image-header, .entry-header .post-thumbnail, .post-image, .article-image, .featured-media, .entry-media, .post-thumbnail-wrap, .wp-post-image { display: block !important; width: 100% !important; margin: 0 auto 10px auto !important; } .entry-content { margin-top: 0 !important; padding-top: 0 !important; font-family: 'MB Lateefi', 'Jameel Noori Nastaleeq', 'Noto Naskh Arabic', sans-serif !important; font-size: 1.25rem !important; line-height: 2.1 !important; text-align: justify !important; } .entry-content p { margin-bottom: 1.2em !important; margin-top: 0 !important; } </style>رياض/تهران: سعودي عرب آبنائي ھرمز ۾ پنهنجي آئل ٽينڪر تي ٿيل ايراني حملي جي نتيجي ۾ ٻن فلپائني ملاحن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حڪومتي ذريعن موجب هي واقعو سمنڊ ۾ بين الاقوامي سامونڊي گذرگاهه جي حفاظت تي وڏو سواليه نشان آهي، جنهن بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ انتهائي سطح تي پهچي وئي آهي.رياض انتظاميه واضح ڪيو آهي ه اهڙا جارحانه اقدام خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ٿيندا. سعودي پرڏيهي وزارت سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته ايران جي غير ذميواراڻي رويي جو سخت نوٽس وٺي.ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي سپلاءِ جي حوالي سان پڻ خدشا وڌي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته آبنائي ھرمز دنيا جي اهم ترين تجارتي رستن مان هڪ آهي. سئنئر دفاعي تجزيهڪارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال تي ضابطو نه آندو ويو ته خطو ڪنهن وڏي ويڙهه جي ور چڙهي سگهي ٿو.
