<style> .single-featured-image-header, .entry-header .post-thumbnail, .post-image, .article-image, .featured-media, .entry-media, .post-thumbnail-wrap, .wp-post-image { display: block !important; width: 100% !important; margin: 0 auto 10px auto !important; } .entry-content { margin-top: 0 !important; padding-top: 0 !important; font-family: 'MB Lateefi', 'Jameel Noori Nastaleeq', 'Noto Naskh Arabic', sans-serif !important; font-size: 1.25rem !important; line-height: 2.1 !important; text-align: justify !important; } .entry-content p { margin-bottom: 1.2em !important; margin-top: 0 !important; } </style><p><strong>اسلام آباد:</strong> وزيراعظم پاڪستان پمز اسپتال ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته مجرمانه غفلت جي مرتکب اهلڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ رعايت نه ڏني ويندي. هن لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿا ممڪن ٿي سگهي.</p><p>ذريعن موجب وزيراعظم صحت واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هو متبادل ڏينهن تي پمز اسپتال ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بنائين ۽ پنهنجي سڌيءَ نگرانيءَ ۾ اسپتال جي بهتري لاءِ فوري ۽ مؤثر قدم کڻن. هن زور ڏنو ته عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان معاملي ۾ ڪ به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.</p><p>وزيراعظم صحت جي سهولتن ۾ بهتري آڻڻ جي حوالي سان نوان حڪمت عمليون جوڙڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون آهن. اسپتالن اندر انتظامي معاملن کي شفاف بڻائڻ ۽ مريضن کي هنگامي بنيادن تي علاج فراهم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تي عملدرآمد جو جائزو روزاني بنيادن تي ورتو ويندو.</p>