<style> .single-featured-image-header, .entry-header .post-thumbnail, .post-image, .article-image, .featured-media, .entry-media, .post-thumbnail-wrap, .wp-post-image { display: block !important; width: 100% !important; margin: 0 auto 10px auto !important; } .entry-content { margin-top: 0 !important; padding-top: 0 !important; font-family: 'MB Lateefi', 'Jameel Noori Nastaleeq', 'Noto Naskh Arabic', sans-serif !important; font-size: 1.25rem !important; line-height: 2.1 !important; text-align: justify !important; } .entry-content p { margin-bottom: 1.2em !important; margin-top: 0 !important; } </style><p><strong>واشنگٽن:</strong> امريکي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ اوڀر جي صورتحال تي وڏو بيان جاري ڪندي اسرائيلي قيادت کي خبردار ڪيو آھي ته کيس ڪنهن به قسم جي پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ جي ضرورت ناهي. امريکي صدر جو چوڻ ھو ته سندس ذميواري پنهنجن دوست ملڪن جو تحفظ يقيني بڻائ آھي ۽ هو ان سلسلي ۾ ڪنهن به خطري کان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آھي.</p><p>ن موقعي تي ٽرمپ هڪ نئين ۽ غير روايتي تجويز پيش ڪندي چيو ته عالمي واپار ۽ تيل جي سپلاءِ جي سڀ کان اهم رستي يعني آبنائے ھرمز جو نالو تبديل ڪري "آبنائے ٽرمپ" رکيو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته هي قدم امريڪي اثر ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي طاقت جي علامت بڻجي سگهي ٿو، جنهن تي عالمي حلقن ۾ حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.</p><p>سياسي تجزيه نگارن موجب هيءَ تجويز بين الاقوامي سفارتڪاري ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي چڪي آھي، جڏهن ته خطي جي ٻين ملڪن طرفان اڃا تائين ڪو به باضابطه ردعمل سامهون نه آيو آھي. امريکي انتظاميه جو چوڻ آھي ته صدر جو مقصد عالمي سامونڊي رستن تي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ آھي.</p>
