اربيل/تهران: ايران جي هٿياربند فوجن دعويٰ ڪئي آهي ته عراق، بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي، جن جي نتيجي ۾ اهم فوجي ۽ ٽيڪنيڪل ٿاڪن کي سخت نقصان پهتو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، عراق جي شهر اربيل ۾ آمريڪي اڏن تي ٿيل حملن دوران هڪ مرمتي مرڪز ۽ ٽيڪنيڪل اوزارن جا گودام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته حملن دوران هڪ اهڙو اهم نظام پڻ تباهه ٿيو، جيڪو مبينا طور تي جاسوسي سرگرمين ۽ مواصلاتي ڪنٽرول لاءِ استعمال ٿيندو هو. ان کان علاوه، ايراني فوج پاران بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ به آمريڪي فوجي تنصيبات تي ڊرون حملا ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جن ۾ الظفره ۽ المنهاد اڏن تي موجود ريڊار سسٽمز کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني عسڪري ذريعن موجب، بحرين جي شيخ عيسيٰ اڏي تي پڻ آرش ڊرونز ذريعي حملا ڪيا ويا، جتي آمريڪي فوج جو ريڊار انفراسٽرڪچر ۽ گڏجاڻي جا مرڪز موجود هئا. ايران واضح ڪيو آهي ته اهي ڪارروائيون آمريڪا جي تازن هوائي حملن جي جواب ۾ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته حملن ۾ جاني نقصان بابت تفصيل بعد ۾ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.
