اسلام آباد: وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تي هڪ مشڪوڪ گاڏي پاران اشاري تي نه بيهڻ کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن پاران ڪيل سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، هي واقعو ايئرپورٽ جي ٻاهران قائم ڪيل چيڪ پوسٽ تي ان وقت پيش آيو جڏهن تيز رفتار ڪر کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو پر ڊرائيور گاڏي بيهارڻ بدران تيزيءَ سان ڀڄائي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (ASF) ۽ پوليس اهلڪارن پاران گاڏي کي روڪڻ لاءِ ڪيترا ئي اشارا ڪيا ويا، پر ڪار سوارن پاران هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي اهلڪارن مجبوريءَ تحت فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٻئي ڄڻا گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
واقعي کانپوءِ ايئرپورٽ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي ۽ وڏي انگ ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا آهن. پوليس اختيارين واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته گاڏي ۾ سوار ماڻهو ڪير هئا ۽ انهن پاران گاڏي نه بيهرڻ جو اصل سبب ڪهڙو هو.
