لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (PCB) جي چيئرمين انڪشاف ڪيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جنهن کانپوءِ ٽيم جي کٽڻ جو تناسب 24 سيڪڙو مان وڌي 73 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته رانديگرن جي سخت محنت، بهترين حڪمت عملي ۽ بورڊ جي سهڪار سان هيءَ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.
لاهور ۾ يڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي (PCB) جي چيئرمين چيو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻوڪي دور ۾ ٽيم جي اندر نظم و ضبط ۽ راند جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بورڊ پاران رانديگرن کي هر ممڪن سهولتون ۽ جديد تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن ۽ ٽيم مسلسل ڪاميابيون ماڻي رهي آهي.
چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو بنيادي مقصد پاڪستاني ڪرڪيٽ کي دنيا جي اعليٰ ترين سطح تي کڻي وڃڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قومي ٽيم مستقبل جي سيريز ۽ عالمي ٽورنامنٽس ۾ پڻ پنهنجي هن بهترين ڪارڪردگي ۽ کٽڻ جي تسلسل کي برقرار رکندي ملڪ جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪندي.
