سکر جي علائقي آباد لاکھا ۾ زمين تي قبضي جي ڪوشش، متاثر شهري پاران تحفظ ۽ قانوني ڪاروائي جو مطالبو

(رپورٽ: نزاڪت – اي ڊي اين نيوز): سکر: شھر جي تاريخي علائقي آباد لاکھا ۾ زمين جي تڪرار ۽ مبينه قبضي جي ھڪ وڏي ڪوشش سامهون آئي آھي، جتي متاثر شهري عبدالحنان سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آھي. متاثر جو چوڻ آھي ته سندس قانوني ملڪيت واري زمين تي بااثر ماڻهو زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، جنھن سبب ندس پوري خاندان ۾ سخت خوف و ھراس ڦهلهيل آھي.

متاثر شهري عبدالحنان سومرو پٽ مرحوم عبدالوھاب سومرو وضاحت ڪئي آھي ته مذڪوره زمين جا تمام قانوني دستاويز ۽ پکا ثبوت سندس ئي نالي تي موجود آھن. ھن الزام لڳايو آھي ته سندس ٻنھي ماموئن، رياض احمد سومرو ۽ اياز احمد سومرو، جعلسازيءَ جو سهارو وٺندي ڪنهن ٻئي ڌر سان غيرقانوني سودو ڪيو آھي ۽ اڳواٽ رقم پڻ وصول ڪئي آھي، جڏهن ته انھن جو ھن ملڪيت سان ڪو به واسطو ناهي.

عبدالحنان سومرو وڌيڪ ٻڌايو ته کيس نامعلوم ماڻهن طرفان مسلسل جاني مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي حق کان دستبردار ٿي وڃي. هن اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي، زمين جي رڪارڊ جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ سندس خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري جوابدارن خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن.