ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ سرجيڪل ڪمپليڪس جي لفٽ خراب، ڊاڪٽرز ۽ مريض ڪلاڪن تائين اندر ڦاسي پيا

ڪراچي: سنڌ جي سڀ کان وڏي طبي مرڪز جناح اسپتال ۾ انتظاميا جي نااهليءَ جو هڪ وڏو واقعو سامهون آيو آهي، جتي سرجيڪل ڪمپليڪس جي لفٽ اوچتو خرابيءَ جو شڪار ٿي وئي. هن ايمرجنسي صورتحال دوران نامور ڊاڪٽرز، طبي عملو ۽ ڪيترائي لاچار مريض لفٽ اندر ڪلاڪن تائين محصور ٿي ويا، جنهن سبب اسپتال اندر سخت چڻ چڻ ۽ ڊپ جو ماحول پدا ٿي ويو.

ذريعن موجب لفٽ جي اندر ويهڻ وارن ماڻهن کي سخت ترين پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته لفٽ اندر هوا جي مناسب نيڪاسي جو بندوبست نه هو ۽ اونداهيءَ سبب مريضن جون حالت خراب ٿيڻ لڳي هئي. اطلاع ملڻ جي باوجود اسپتال جي فني عملي ۽ انتظاميا کي پهچڻ ۾ ڪافي دير لڳي، جنهن تي اتي موجود وارثن سخت احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو.

بعد ۾ فني ماهرن جي مدد سان لفٽ جو دروازو کولي اندر ڦاسي پيل ڊاڪٽرز ۽ مريضن کي سخت جدوجهد کانپوءِ ٻاهر ڪڍيو ويو. واقعي بعد شهري حلقن ۽ سول سائاتي تنظيمن جناح اسپتال جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سمورين لفٽن جي مرمت ۽ چيڪنگ ڪرائي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به جاني نقصان کان بچي سگهجي.