لاهور: شهر جي علائقي ۾ گهرو اڻبڻاٿ تان ظالم مڙس پنهنجي گهرواري ۽ معصوم ٻارن مٿان مبينه تشدد جو چوترو مچائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻار سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس فوراً موقعي تي پهچي ڪري ڪارروائي ڪئي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب متاثرہ عورت پاران داخل ڪکرايل رپورٽ مطابق جوابدار مڙس اڳ پڻ گهرو اڻبڻاٿ تان مارپٽ ڪندو هو پر اڄ هن حدون ٽپي ڇڏيون. تشدد جو شڪار ٿيندڙ ٻارن ۽ عورت کي فوري طبي امداد لاءِ ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي.
ايس ايس پي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پوليس جوابدار خلاف سخت قانوني دفعا داخل ڪري جاچ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قانون مطابق کيس سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.
