سرينگر: ڀارتي قيد ۾ بند نامور ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ ڀارتي عدالتن تي مڪمل بي اعتمادي جو اظهار ڪندي پنهنجو ڪيس وڙهڻ کان سرڪاري طور انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ياسين ملڪ مقامي عدالت ۾ 25 صفحن تي مشتمل هڪ تفصيلي حلف نامو جمع ڪرائيندي واضح ڪيو آهي ته ڀارتي حڪومت کيس هڪ فرضي ۽ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڦاهي ڏيڻ جي گندي سازش ڪري رهي آي، جتي کيس انصاف ملڻ جو ڪ به امڪان ناهي.
حلف نامي ۾ ياسين ملڪ 1990ع جي سرلا ڀٽ قتل ڪيس ۾ ملوث هجڻ جا تمام الزام سخت لفظن ۾ رد ڪندي ٻڌايو ته قتل جي واقعي کان 11 ڏينهن اڳ هو سخت زخمي هو، جنهن ڪري اهڙي ڪ به سازش ۾ شامل ٿيڻ يا هدايتون ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن انڪشاف ڪيو ته ڀارتي ايجنسين ۽ اڳوڻن حڪومتي عهديدارن کيس پاڪستان سان لاڳاپن بابت پڇاڙيءَ تائين دٻاءُ ۾ رکيو ۽ بعد ۾ ساڳيا معاملا سندس خلاف بغير ڪنهن بنياد جي ثبوت طور پيش ڪيا ويا.
ياسين ملڪ پنهنجي حلف نامي ۾ ڊگهي قيد، اڪيلائي ۽ پنهنجي گهرڀاتين کان سالن جي بيجار وڇوڙي جو دردناڪ ذڪر ڪندي پنهنجي گهرواري مشعال ملڪ کي امڪاني ڦاهي ۽ قيد جي عذاب کان آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته هن پنهنجو حق ۽ ضمير جو آواز عدالت جي آڏو بيڊڪ پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي باقي سمورو فيصلو هو خدا جي ذات تي ڇڏي ٿو.
سياسي ماهرن ۽ مبصرن جو چوڻ آهي ته ياسين ملڪ جو هي قدم مودي حڪومت جي هٿان ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرائڻ واري درويشي پاليسي جي خلاف هڪ طاقتور ردعمل آهي. ڀارت چاهي ڪيتريون ئي چالبازيون ڪري، پر ڪشميري عوام جي آزادي ۽ حق خوداراديت جي تحريڪ کي ڪنهن به صورت ۾ دٻائي نٿو سگهجي، جنهن لاءِ عالمي ادارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
