پاڪستان جي عالمي مالياتي مارڪيٽ ۾ زبردست واپسي، يورو بانڊ ذريعي 3 ارب ڊالر حاصل

اسلام آباد: پاڪستان عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ڪاميابيءَ سان 3 ارب آمريڪي ڊالرن جا يورو بانڊ جاري ڪري ورتا آهن. ناڻي واري وزارت موجب ملڪي تاريخ ۾ هڪ ئي ٽرانزيڪشن ذريعي عالمي بانڊ مارڪيٽ مان حاصل ڪيل اها سڀ کان وڏي رقم آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته هن بانڊ لاءِ سڄي دنيا جي ادارتي سيڙپڪارن پاران اٽڪل 6 ارب ڊالرن جا آرڊر وصول ٿيا، جيڪي جاري ڪيل مطلوب رقم کان تقريبن ٻيڻا هئا، جيڪو عالمي سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي واضح نشاندهي ڪري ٿو.

ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اها رقم مختلف مدي واري ٻن يورو بانڊز ذريعي حاصل ڪئي وئي آهي. پهرئين مرحلي ۾ 5 سال ۽ 6 مهينن جي مدي لاءِ 1 ارب 75 ڪروڙ ڊالرن جو يورو بانڊ جاري ڪيو ويو، جنهن تي منافعي جي شرح 7.50 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 1 ارب 25 ڪروڙ ڊالرن جو ٻيو يورو بانڊ 10 سالن جي مدي لاءِ جاري ڪيو ويو آهي جنهن تي ڪوپن ريٽ 7.90 سيڪڙو آهي. حڪومت موجب ڊگهي مدي واري بانڊ ۾ سيڙپڪارن جي نمايان دلچسپي ملڪ جي معاشي صورتحال بابت عالمي منڊين جي پراميد هجڻ جي عڪاسي ڪري ٿي.

هي بانڊ پاڪستان جي گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام تحت جاري ڪيا ويا آهن، جنهن جو مقصد عالمي مالياتي مارڪيٽن مان مختلف ذريعن ذريعي سرمايو حاصل ڪرڻ جا امڪان وڌائڻ آهي. واضح رهي ته اسٽيٽ بئنڪ جي تفصيلن موجب 30 جون 2026ع تائين مرڪزي حڪومت جي ذمي مجموعي طور 87 ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض آهي، جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن، پيرس ڪلب، ٻطرفن قرضن ۽ آءِ ايم ايف (IMF) کان ورتل رقمون شامل آهن.