هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪيترون سمون ملي سگهن ٿيون؟ پي ٽي اي چيئرمين اهم وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) جي چيئرمين اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) سان گڏ ڪارروائين دوران 6 لک ماڻهن جا بائيو ميٽرڪ ڊيٽا برآمد ڪيا ويا آهن. هن اجلاس کي بريفنگ ڏيندي واضح ڪيو ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان گڏجي 125 ڇاپا هنيا ويا، جن دوران 25 هزار غيرقانوني سمون هٿ ڪري 171 جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

چيئرمين پي ٽي اي جو چوڻ هو ته بائيو ميٽرڪ جو رڪارڊ اتان ئي ليڪ ٿئي ٿو جتي اهو موجود هوندو آهي، جنهن ڪري سڪيورٽي فيچرز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. هنڌين جڳائين گذريل اڍائي سالن جي عرصي دوران 18 لک غيرقانوني سمون بلاڪ ڪيون ويون آهن ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ اٿارٽي نادرا (NADRA) سان گڏجي سسٽم کي مڪمل طور اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن غيرقانوني سرگرمين کي روڪي سگهجي.

اجلاس دوران قاعدن ۽ ضابطن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته ضابطي تحت هڪ سڃاڻپ ڪارڊ تي 5 کان وڌيڪ سمون جاري نٿيون ٿي سگهن. ان موقعي تي اڳواڻن ۽ مملڪتي گهرو وزير پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته غيرقانوني سمين ۽ ڪرائي تي حاصل ڪيل بئنڪ اڪائونٽس سبب دهشتگردي، ڀتا خوري ۽ مالي فراڊ جي واقع ۾ واڌ ٿي رهي آهي، تنهن ڪري ٽيلي ڪام ڪمپنين ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي پنهنجي سيڪيورٽي سسٽم کي وڌيڪ سخت ڪرڻ گهرجي.