سنڌ کي لٽيندڙ ۽ ڪرپشن جا سرغنه ئي اڄ سنڌ جا نعرا هڻي رهيا آهن: علامه راشد سومرو

سجاول: جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته سنڌ کي لٽيندڙ، صوبي کي مسئلنستان بڻائيندڙ، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ ۽ ڪرپشن جا سرغنه ئي اڄ سنڌ ماءُ جا نعرا هڻي رهيا آهن. سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل ماڻهو ئي ميرٽ جا قاتل آهن، جن اسپتالن جا فنڊ کائڻ سان گڏ نوجوانن کي سخت مشڪلاتن ڏانهن ڌڪيو آهي.

علامه راشد سومرو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن، ٻيٽن ۽ معدنيات جا سودا ڪندڙ اهي ئي ڪردار آهن، جيڪي اڄ ايوانن ۾ سنڌ جو راڳ آلاپي رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪري چڪي آهي ته سنڌ کي نئين صوبي جي ضرورت ناهي، ته پوءِ اهو بحث هميشه لاءِ بند ٿيڻ گهرجي. سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جو ورهاڱو قبول نه ڪندو.

هن چيو ته مذهبي ۽ قومپرست جماعتون سنڌ جي ورهاست خلاف هڪ پيج تي آهن، پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پارٽي يا هڪ اسپتال نه ٿا سنڀالي سողين، اهي نون صوبن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عوام هاڻي سڀ حقيقتون چڱي طرح سمجهي چڪو آهي ۽ ڌرتي لٽيندڙن کي سڃاڻي چڪو آهي.

جمعيت علماءِ اسلام جي قائد چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جا حق کائيندڙ ڪ به ايوانن ۾ پهچي نه سղندا. هن آخر ۾ چيو ته هن وقت جيڪڏهن سنڌ جي غريبن، مسڪينن، هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ ڪا حقيقي جماعت آواز بڻيل آهي، ته اها صرف جمعيت علماءِ اسلام آهي.