ڪراچي: ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۽ شهر جي ترقي يقيني بڻائڻ اسان جي اولين ذميواري آهي، دڪان بند ڪرائي نه پر عوام کي سهولتون فراهم ڪري اصل رليف ڏينداسين. هن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي کي زبردستي بند ڪرائيندڙن ۽ شهر جو امن خراب ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جتي شهرين جا حق پامال ٿيا آهن اتي رياستي رٽ قائم رهندي.
ميئر ڪراچي ناظم آباد بلاڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪرڻ دوران ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته شهر جا سمورا وسيلا عوام جي امانت آهن ۽ انهن جو صحيح استعمال ئي اصل خدمت آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي گندي پاڻي جي نيڪال جو نظام درست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته روڊن جي تعمير ۽ پيوَر لڳائڻ جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي ته جيئن شهرين کي آمدورفت ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف جو نه ڪپراڻو پوي.
مرتضيٰ وهاب واضح ڪيو ته ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ موجود هر هڪ پائي عوام جي امانت آهي، تنقيد ڪندڙ پنهنجو ڪم ڪندا رهن پر اسان صرف بيانن جي بجاءِ عملي ميدان تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن جماعت اسلامي تي تنقيد ڪندي چيو ته ماضي وانگر شهر کي يرغمال بڻائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، شهر بند ڪندڙن کي غريب مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقي جي پريشاني جو ڪو به احساس ناهي.
