هڪ بال لاءِ 101 ڪلوميٽر ڊوڙ، برطانيا جي ڪرڪيٽر عظيم رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

لنڊن: برطانيا جي هڪ ڪلب ڪرڪيٽر نئون عالمي رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ 100 ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تان ڊوڙي بال ڪرائي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. سام بوڊوان نالي 22 ورهين جي نوجوان ڪرڪيٽر لنڊن جي مشهور لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ کان پنهنج ڊوڙ شروع ڪئي ۽ سري جي علائقي ۾ پهچي بال ڪرائڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏنو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطاق، سام بوڊوان 62 ميل کان وڌيڪ فاصلو 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي وقفي ۾ طئي ڪيو. هن ڊوڙ دوران مڪمل وائيٽ ڪرڪيٽ يونيفارم پهريل هئي ۽ هن پنهنجو پهريون بال پنهنجي والد کي ڪرايو. انتهائي سخت جسماني ٿکاوٽ ۽ ڄنگهن جو ساٿ نه ڏيڻ باوجود هن پنهنجو اهو تاريخي سفر ڪاميابي سان مڪمل ڪيو.

هن منفرد ڊوڙ جو مکيه مقصد عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ سان گڏ هڪ خيراتي اداري لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ هو، جنهن تحت هزارين پائونڊ جمع ڪيا ويا. بال ڪرائڻ جي مهلت ختم ٿيڻ کانپوءِ به سام بوڊوان ڪرڪيٽ ميچ جو حصو رهيو ۽ پنهنجي ٽيم لاءِ شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ڇڪا پڻ هنيا، جڏهن ته گينيز ورلڊ رڪارڊ پاران سندس هن اعزاز جي باضابطا تصديق جو عمل پڻ جاري آهي.