سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙن کي طعنن بدران شاباشي ڏيو: مهر ڊٻائي

ڪراچي: نامور شاعر مهر ڊٻائي چيو آهي ته سياسي ۽ نظرياتي اختلافن باوجود سنڌ جي مفادن جي تحفظ لاءِ بيٺل ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته دشمن جو به انصف پسند قدم ساراهڻ گهرجي ۽ کيس طعنا ڏيڻ مناسب عمل ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته لکين نظرياتي اختلاف هجن، پر جيڪڏهن صوبائي اسيمبلي يا ڪنهن به فورم تي ڪو نمائندو صاف لفظن ۾ يونٽن يا نون صوبن جي صورت ۾ سنڌ جي ورهاڱي جي کلي نموني مخالفت ڪري ٿو، ته تنقيد بدران کيس شاباش ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سلامتي سڀني کان مقدم آهي.

مهر ڊٻائي جي هن بيان تي عوامي ۽ سياسي حلقن ۾ بحث شروع ٿي ويو آهي. سنڌ جي سڄاڻ حلقن جو چوڻ آهي ته صوبي جي جغرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تي ڪم ڪرڻ وارن سڀني قوتن کي ذاتي ۽ پارٽي مفادن کان مٿاھون ٿي ڪري گڏجي بيهڻ گهرجي.