گلگت/مظفرآباد/پشاور: ملڪ جي اترين علائقن ۾ موسم بدلجي وئي آهي جتي گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا جي مٿن علائقن ۾ سخت برساتن جو ايمرجنسي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. لاڳاپيل کاتن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران وسڪاري جو اهو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري مقامي انتظاميا کي هر وقت چوڪس رهڻ جيداڻ ڏني وئي آهي.
محکمه موسميات موجب هن نئين برساتي سسٽم جي داخل ٿيڻ سبب جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائڊنگ جو خطرو وڌي ويو آهي، جنهن جي ڪري مقامي رهواسين ۽ سياحن کي غير ضروري سفر کان گريز ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. انتظاميا طرفان هنگامي حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ امدادي ٽيمن کي به الرٽ رکيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به اڻهوني صورتحال ۾ فوري قدم کڻي سگهجن.
ان کان علاوه، وسڪاري جي نتيجي ۾ مقامي ندين ۽ نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو تيز ٿيڻ جو امڪان آهي. هارين ۽ مالوند ماڻهن کي به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به قسم جي مالي يا جاني نقصان کان بچي سگهجي.
