لڇمي آئي آهي: ڀارتي خاندان ۾ 200 سالن کانپوءِ ڌيءُ جي پيدائش تي شاندار جشن

ممبئي/بيد: ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي ضلعي بيد ۾ هڪ منفرد واقعو سامهون آيو آهي، جتي هڪ خاندان تقريباً 200 سالن ۽ پنجن نسلن کانپوءِ ڌيءُ جي پيدائش جو شاندار جشن ملايو آهي. خاندان جو چوڻ آهي ته صدين جي انتظار کانپوءِ گهر ۾ نئين ڄاول ٻارڙي جي آمد تي سڄي علائقي ۾ خوشي جو ماحول ڇانيل آهي ۽ نئين مهمان جو استقبال ڪنهن شهزادي وانگر ڪيو يو آهي.

خبر موجب، هن خوشيءَ جي موقعي تي خاندان کان علاوه مقامي ماڻهن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نينگر جي ڏاڏي ميڊيا سان ڳالهائيندي جذباتي ٿيندي ٻڌايو ته سندن خاندان ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڌيءَ جو اولاد نه ٿيڻ جو افسوس هو، پر اڄ اها آرزو پوري ٿي وئي آهي ۽ کين ائين پيو لڳي جيئن سندن گهر ۾ لڪشمي جو ديوتا آيو هجي.

ٻارڙي جي پيءُ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سماج ۾ عام طور تي پٽن جي پيدائش کي وڏو مقام ڏنو ويندو آهي، پر ڌيءَ جي اچڻ سان جيڪا خوشي ۽ راحت ملي ٿي، ان جو احساس بلڪل مختلف ۽ منفرد آهي. خاندان جو چوڻ آهي ته هن شاندار جشن جو مکيه مقصد سماج کي اهو مثبت پيغام ڏيڻ پڻ هو ته ڌيءَ رحمت ۽ فخر جوڳي آهي.