رياض: سعودي عرب عيش عشرت جي تمام سهولتن سان ليس هڪ شاندار ٽرين هلائڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي شروعات ڊسمبر 2026 ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. هي منفرد پراجيڪٽ سعودي ريلوي پاران اطالوي آرسنل گروپ جي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، جيڪو پنهنجي اعليٰ معيار جي لگزري ٽرينن جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ڪمپني گذريل مئي مهيني ۾ رياض اندر پنهنجو باضابطه هيڊ ڪوارٽر پڻ کولي ڇڏيو آهي، جتان هن عالمي منصوبي جي نگراني ڪئي پئي وڃي.
اٽڪل 800 ميلن جي طويل سفر دوران هي ٽرين سعودي عرب جي دلکش ريگستاني نظارن مان گذرندي ۽ ملڪ جي راڄڌاني رياض کي قريات شهر سان ڳنڍيندي. هن لگزري ٽرين ۾ 14 بوگيون شامل هونديون، جن ۾ مسافرن جي آرام لاءِ 33 شاندر ڪمرا ٺاهيا ويا آهن. ٽرين جو هر هڪ حصو ۽ ڪمرو مقامي سعودي ثقافت جي مختلف خوبصورت پهلوئن کي اجاگر ڪندو، جنهن سان سياحن کي هڪ نئون ۽ منفرد تجربو ملندو.
مسافرن کي هڪ، ٻن يا ٽن راتين لاءِ پنهنجا ٽوئر بُڪ ڪرائڻ جي سهولت ملندي، جڏهن ته هڪ ڪيبن جو گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 30 هزار سعودي ريال في رات هوندو جتي ٻه ماڻهو آرام سان رهائش اختيار ڪري سگهندا. ٽرين اندر ٻه جديد ريسٽورنٽ پڻ موجود هوندا، جتي مقامي سعودي کاڌن سان گڏ بين الاقوامي طعام پڻ پيش ڪيا ويندا. ي ٽرين هڪ ئي وقت 66 مسافرن کي کڻڻ جي صلاحيت رکندي ۽ سياحن کي يونيسڪو جي عالمي ورثي وارن هنڌن سان گڏ شاهه سلمان بن عبدالعزيز رائل نيچرل رزرو جي زيارت جو موقعو پڻ فراهم ڪندي.
