ڪراچي: گورنر سنڌ سان پاڪستان اسپورٽس رائٽرز فيڊريشن ۽ اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف سنڌ جي گڏل وفد گورنر هائوس ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي. هن وفد جي قيادت اسپورٽس رائٽرز فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر عظيم ڪئي، جڏهن ته اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن آف سنڌ جي صدر محمود رياض، سيڪريٽري مجاهد علي سولنگي سميت ٻين عهديدار پڻ هن ملاقات ۾ حصو ورتو.
ملاقات دوران اسپورٽس جرنلسٽن کي درپيش مشڪلاتن، پيشه ورانه سهولتن ۽ صحافتي چئلينجز تي کليل خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن موقعي تي ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته اسپورٽس جرنلسٽ رانديگرن جي صلاحيتن ۽ ملڪ جي ڪاميابين کي عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ۽ نوجوان نسل کي راندين جي ميدانن ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ راندين جي صحافت جو ڪردار بيحد ساراهه جوڳو آهي.
اجلاس دوران محمود رياض ۽ محمد اصغر عظيم پاران اسپورٽس جرنلسٽن جي ڀلائي، عالمي معيار جي تربيتي ورڪشاپن ۽ ٻين انڊسٽري سرگرمين بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. ان کان علاوه، مرحوم نامور اسپورٽس جرنلسٽ قمر احمد جي خدمتن کي ساراهيندي کيس ستاره امتياز ڏيڻ جو زوردار مطالبو پڻ پيش ڪيو ويو.
وفد وفاقي سطح تي سنڌ جي اسپورٽس جرنلسٽن کي برابري جي بنياد تي سهولتون مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي گورنر سنڌ پاران سندن سڀني جائز مسئلن کي لاڳاپيل اعليٰ فورمن تي اٿارڻ جي پوري خاطري ڪرائي وئي.
