قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ لاءِ برمنگهم پهچي وئي

برمنگهم: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف سيريز جي ٽين ۽ اهم ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ برمنگهم پهچي وئي آهي، جتي ٻنهي ٽمن وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پاڪستاني اسڪواڊ شهر پهچڻ کانپوءِ هوٽل ۾ آرام ڪيو ۽ راندگير اڄ کان پنهنجون تياريون شروع ڪندا.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هيءս ميچ تاريخي ايجبسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ برمنگهم ۾ کيڏيو وندو. قومي ٽيم جو حوصلو بلند آهي ۽ راندگير ميچ ۾ بهترين ڪارناما ڏيکارڻ لاءِ پوري طرح پراميد آهن. انتظاميا موجب گرائونڊ ۾ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

سفر ڪندڙ اسڪواڊ ۾ نوان ۽ جوجھار راندگير عبدالله فضل، عرفات منهاس ۽ عمران رندهاوا پڻ شامل آهن، جن ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي. قومي ٽيم اڄ صبح جو ساڍي 9 وڳي ايجبسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ سخت پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺندي، جڏهن ته ميچ 9 سيپٽمبر تي شروع ٿيندي.