ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي لاءِ منفرد خراجِ تحسين، اعزازات جي رسيد سوشل ميڊيا تي وائرل

بارسلونا/بيونس آئرس: دنيا جي مشهور ترين فٽبالر ليونل ميسي کي سندس بي مثال خدمتن ۽ شاندار ڪيريئر تي هڪ منفرد انداز ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو آهي، جنهن دوران سندس سڄي زندگي جي اعزازات ۽ ٽرافين جي هڪ فرضي پر دلچسپ رسيد سوشل ميڊيا تي سخت وائرل ٿي چڪي آهي.

وائرل ٿيندڙ هن منفرد رسيد ۾ ميسي پاران فٽبال ج ميدان ۾ حاصل ڪيل گولز، بالڊي آر ايوارڊز، فيفا ورلڊ ڪپ ۽ ٻين عالمي ٽرافين جي تفصيلي فهرست شايع ڪئي وئي آهي، جنهن کي مداحن پاران بيحد پسند ڪيو پيو وڃي ۽ ان تي خوش جو اظهار پڻ ڪيو پيو وڃي.

سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي فٽبال جي هن جادوگر جي اعزازات واري هيءَ رسيد لکين واهپيندڙن پاران شيئر ڪئي وڃي ٿي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ليونل ميسي اڄ به پوري دنيا جي راندين جي دنيا ۾ هڪ بي مثال ۽ بااثر شخصيت طور موجود آهي.