ڪراچي ۾ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو، پهرين کان 30 سيپٽمبر تائين مهم هلائي ويندي

ڪراچي: سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) طرفان شهر ۾ فضائي آلودگي کي روڪڻ ۽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سيپا اختيارين پاران ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي باقاعده خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ٽريفڪ پوليس کان مڪمل سهڪار جي گهر ڪئي وئي آهي ته جيئن مهم کي ڪامياب بڻائي سگهجي.

ماحوليات کاتي جي سيڪريٽري فيصل عقيلي جي بيان مطابق وهيڪولر ايميشن ڪنٽرول مهم جو آغاز پهرين کان 30 سيپٽمبر تائين ڪراچي جي مختلف اهم شاهراهن ۽ هنڌن تي ڪيو ويندو. سيپا جون خاص ٽيمون ٽريفڪ پوليس جي گڏيل سهڪار سان گاڏين مان خارج ٿيندڙ زهريلي دونهين جو باريکيءَ سان معائنو ڪنديون، جڏهن ته ماحولياتي معيار تي پورو نه لهندڙ گاڏين جي مالڪن خلاف قانوني ضابطن تحت چالان ۽ ٻيون سخت ڪارروائيون عمل ۾ آنديون وينديون.

مهم دوران بلوچ پل، ميٽروپول، فائيواسٽار چورنگي، عائشه منزل، ڪورنگي، سهراب ڳوٺ، طارق روڊ ۽ نيشنل اسٽيڊيم چوڪ سميت شهر جي مکيه چورائين تي چيڪنگ ڪئي ويندي. ضابطن جي خلاف ورزي ڪندڙ گاڏين تي ڳاڙهو اسٽيڪر لڳايو ويندو ۽ مالڪ کي 15 ڏينهن اندر نقص درست ڪرائڻو پوندو، جڏهن ته معيار تي پورو لهندڙ گاڏين کي سائو اسٽيڪر جاري ڪيو ويندو.