اسلام آباد: پمز سانحي جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ داخل ڪيل درخواست کي اڳوڻن ٻڌڻي هيٺ ڪيسن سان گڏ ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم کي پيش ڪيل انڪوائري رپورٽ ۽ ان تي ڪيل ڪارروائي جو تفصيل طلب ڪري ورتو آهي. عدالت وفاق کي باضابطه نوٽيس جاري ڪندي ڪيس ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ڪئي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهڙي نوعيت جي درخواست اڳ ۾ پڻ ٻڌڻي هيٺ رهي آهي، جنهن تي ضروري حڪم جاري ٿي چڪا آهن. موجودہ درخواست ۾ به ساڳيا نڪتا شامل آهن، تنهن ڪري ان کي اڳوڻي ڪيس سان گڏايو پيو وڃي، ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي به ان معاملي تي خاص توجھ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻڌڻي دوران وڪيل اظهر صديق عدالت کي آگاهه ڪيو ته گذريل سال قومي اسمبلي جي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي هن اهم معاملي تي وزيراعظم ۽ اسپيڪر کي خط لکيو هو. ڪميٽي چيئرمين امجد خان جي خط باوجود ڪوبه موثر قدم نه کنيو ويو. عدالت صحت ڪميٽي جي گذريل سال واري رپورٽ تي ڪارروائي نه ٿيڻ بابت پڻ پڇاڻو ڪيو آهي.
