ڪراچي: سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران صوبي اندر ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام جي جان و مال جي حفاظت لاءِ سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرائيم ۾ لوث گروهن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ٽارگيٽڊ ڪارروايون جاري آهن. پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن ضلعن مان عادي ڏوهارين، گهربل ۽ اشتهاري جوابدارن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري انهن خلاف فوري ۽ سخت گرفتاري مهم هلائي وڃي.
آءِ جي سنڌ چوري ٿيل موبائل فونز خريد ڪندڙن خلاف پڻ ڪرڪ ڊائ يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. شهرن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چڪنگ سخت ڪئي وئي آهي جڏهن ته غفلت بردار اهلڪارن خلاف کاتي وار سخت ڪارروائي جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.
