ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده قومي موومينٽ (MQM) جي ميمبر عبد الوسيم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته لساني بنيادن تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن ۽ پيپلز پارٽي مخصوص سوچ تحت شهر سان زيادتي ڪري رهي آهي. هن ايوان ۾ تقرير ڪندي چيو ته سڀ چون ٿا ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، پر ڇا ان ماءُ کي بجلي، پاڻي ۽ بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن؟ هن وڌي چيو ته حڪومت ڪيئن هلائجي، اها اسان کان سکي وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده حڪمرانن ماءُ جهڙي مقدس هستي کي پمپر پارائي بستري تي ليٽائي ڇڏيو آهي.
متحده ميمبر طرفان استعمال ڪيل اهڙن تيز ۽ تضحڪ آميز لفظن تي سنڌ جي قانون واري وزير سخت اعتراض واريندي ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته اهڙا نامناسب لفظ فوري طور تي رڪارڊ تان خارج ڪيا وڃن. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن به ميمبر کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو اهڙي قسم جا گٿا ۽ بي عزتي وارا لفظ استعمال ڪري.
معاملي جي تيزيءَ سان وڌندڙ حساسيت کي ڏسندي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه فوري طور تي نوٽيس ورتو ۽ متحده ميمبر عبد الوسيم پاران ماءُ جي حوالي سان چيل تڪراري لفظ اسمبلي جي ڪاروائي ۽ سرڪاري رڪارڊ مان هميشه لاءِ حذف ڪري ڇڏيا. ان واقعي کان پوءِ ايوان اندر سياسي احول ڪجهه دير لاءِ تمام گهڻو تشدد ۽ گرما گرميءَ جو شڪار رهيو.
