ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جو منشيات فروخت ڪرڻ وارو مبينه اسڪينڊل سامهون اچي ويو

ڪراچي: سنڌ جي ضلعي ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏا سواليه نشان اٿي بيٺا آهن، جتي يونيفارم ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن پاران کلي عام منشيات فروخت ڪرڻ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي چڪي آهي. هن انتهائي حساس واقعي شهرين ۾ سخت خوف ۽ ڏهڪاءُ و پکيڙي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آه.

وائرل ٿيندڙ فوٽيج ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته بااختيار پوليس اهلڪار پنهنجي سرڪاري شناخت ۽ يونيفارم جو ناجائز فائدو وٺندي غيرقانوني ڌنڌن ۾ ملوث آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته اهڙا عنصر امن امان بحال رکڻ بدران پاڻ ڏوهاري سرگرمين جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب عوام جو پوليس مٿان اعتماد روز بروز گهٽجي رهيو آهي.

آئي جي سنڌ هن واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ايس ايس پي کان فوري طور تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. حڪومت ۽ پوليس اختيارين پاران يقين ڏياريو ويو آهي ته مبينه طور تي ملوث اهلڪارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي.