لنڊن/ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي اعليٰ قيادت ۽ زرداري خاندان لنڊن ۾ گڏ ٿي رهيو آهي، جتي بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو زرداري جي پهچڻ کانپوءِ هاڻي آصفه ڀٽو زرداري جي آمد پڻ متوقع آهي. ذريعن موجب، هن اهم خانداني ميڙاڪي دوران ملڪي سياسي صورتحال ۽ ذاتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي پي ي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي لنڊن ۾ موجود آهي، جتي هن مختلف ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي خاندان سان گڏ اڳ ئي اتي پهچي چڪي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته صدر آصف علي زرداري جي ننڍي نياڻي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري به جلد لنڊن پهچندي.
هن اهم گڏجاڻي کي سياسي حلقن ۾ وڏي اهميت ڏني پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ آئيني معاملن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ منظرنامي تي پڻ خانداني سطح تي صلاح مشورا ڪيا ويندا. زرداري خاندان جي هن گڏجاڻي دوران ڪجهه اهم فيصلا پڻ متوقع آهن، جيڪي پارٽي جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا.
