قصور: 100 کان وڌيڪ سنگين وارداتن ۾ گهربل خطرناڪ ڊڪيت گينگ جا 5 ڪارندا گرفتار، هٿيار ۽ لکين رپيا هٿ

قصور: پنجاب جي شهر قصور ۾ پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي 100 کان وڌيڪ سنگين وارداتن ۾ گهربل خطرناڪ ڊڪيت گينگ جي 5 ڪارندن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان لکين رپين جي نقدي، ڦريل موبائل فون ۽ وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي مختلف ڏوهن جي وارداتن ۾ استعمال ڪيا ويدا هئا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته هي گينگ ضلعي قصور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ دهشت جي علامت بڻيل هو. جوابدارن شاهراهن تي مسافرن کي يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ، گهرن ۾ گهڙي ڊڪيتي ڪرڻ ۽ مزاحمت تي شهرين کي زخمي ڪرڻ جون ڪيتريون ئي وارداتون ڪيون هيون. پوليس ڪافي وقت کان هن خطرناڪ گروهه جي پٺيان هئي ۽ خفيه اطلاعن تي ڪارروائي ڪندي کين گرفتار ڪيو ويو.

ڊي پي او (DPO) قصور ميڊيا کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن سندن ٻين ساٿين ۽ سهولتڪارن کي پڻ قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته علائقي مان ڏوهن جي خاتمي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ لاءِ پوليس پنهنجون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڏوهارين خلاف بغير ڪنهن رعايت جي سخت ڪارروائي جاري رهندي.