پشاور: خيبر پختونخوا جي گاديءَ جي شهر پشاور ۾ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ خطرناڪ نوري گينگ جا 3 انتهايي گهربل جوابدار مارجي ويا. قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ جاري رکيو ويو آهي.
پوليس موجب، مارجي ويل جوابدار قتل، ڌاڙن، اغوا براره ۽ ٻين سنگين ڏوهه جي ڪيترن ئي ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هئا. پوليس پاران اطلاع ملڻ تي جڏهن جوابدارن جي تعاقب ڪيو ويو ته انهن طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي جوابي ڪارروائي ۾ اهي مارجي ويا.
واقعي واري هنڌان هٿيار، گولا بارود ۽ ٻيو شڪ برآمد ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ پشاور ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي.
