اسلام آباد/ڪولمبو: اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) پاڪستان جي موثر سهڪار ۽ اطلاعات جي بنياد تي پرڏيهي ملڪ ۾ هڪ وڏو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي. هن گڏيل ڪارروائي دوران بين الاقوامي منشيات گڙ نيٽورڪ خلاف سخت قدم کڻندي 6 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن سان عالمي سطح تي منشيات جي گڙ اسمگلنگ کي وڏو ڌڪ رسيو آهي.
ذريعن موجب هي بين الاقوامي گروهه ڪافي عرصي کان پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ منشيات جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث هو. اي اين ايف پاران شيئر ڪيل رازدانه معلومات تي عمل ڪندي لاڳاپيل پرڏيهي ادارن ڪولمبو ۾ ڇاپا هنيا ۽ هن خطرناڪ نيٽورڪ جي اهم ڪڙين کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
گرفتار ڪيل جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جنهن دوران بين الاقوامي سطح تي هنن جي ٻين ساٿين ۽ مالياتي ذريعن بابت پڻ اهم انڪشاف ٿيڻ جو امڪان آهي. حڪومت ۽ اين ايف اختيارين واضح ڪيو آهي ته پاڪستان مان منشيات جي ناسور کي روڪڻ ۽ عالمي سطح تي ان جي خاتمي لاءِ سڀ ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
